پولنگ اسٽيشن تي راڪيٽ حملو، بارودي سرنگ جو ڌماڪو

ڪوهلو (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ اڄ ٻيهر پولنگ ٿي رهي آهي، ان موقعي تي پولنگ اسٽيشن تي راڪيٽ حملو ڪيو ويو، جڏهن ته صبح سوير بارودي سرنگ سان ڌماڪو ڪيو ويو.ليويز ذريعن موجب نساءَ پولنگ اسٽيشن جي ويجهو اڻڄاتل طرف کان راڪيٽ فائر ڪيو ويو، ان راڪيٽ حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته پولنگ عملو اڃا تائين نساسو پولنگ اسٽيشن تي نه پهچي سگهيو آهي.ليويز ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڄ صبح نساءَ روڊ تي بارودي سرنگ جو ڌماڪو ٿيو، جنهن مان وديرا رب نواز محفوظ رهيو پر سندس گاڏي کي سخت نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو