لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ليگ اسپنر اساما مير جو چوڻ آهي ته هن گهڻي ڪوشش ڪئي پر ميچن ۾ ڪاميابي نه ملي سگهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته پرفارمنس ڇو نه ٿي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اساما مير چيو ته ڪولڪتا ۾ فيملي لاءِ شاپنگ ڪرڻ سٺو لڳندو آهي. هن چيو ته هو فرنٽ لائن اسپنر طور کيڏندو رهيو پر وڪيٽون نه وٺي سگهيو.مان اعتراف ڪريان ٿو ته مان توقع مطابق بالنگ نه ڪري سگهيو آهيان، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ملي، مان مشق ۾ ٻيهر محنت ڪري رهيو آهيان.
