اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 30 مريض فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته3 3 سئو کان وڌيڪ هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 38 هزار 282 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 90 لک 95 هزار 515 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 3 هزار 301 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 6 لک 37 هزار 042 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 63 هزار 664، پنجاب ۾ 2 لک 02 هزار 743، خيبرپختونخواهه ۾ 81 هزار 204، اسلام آباد ۾ 53 هزار 136، بلوچستان ۾ 19 هزار 374، آزاد ڪشمير ۾ 11 هزار 946 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 975 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 36 هزار 849 ٿي ويو آهي.جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 30 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 13 هزار 965 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 957 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 5 لک 86 هزار 226 ٿي ويو آهي.










