ڪورونا جي ڀارتي قسم برطانيا کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ڀارتي قسم برطانيا کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آھي ۽ صرف ھڪ ھفتي ۾ مريضن جو انگ 70 سيڪڙو وڌي ويو آھي، ميڊيا رپورٽس موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ برطانيا ۾ 5 ھزار 765 ماڻھو وائرس سبب متاثر ٿيا آھن، گذريل ھفتي ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻھن جو انگ 3 ھزار 398 ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو