ڪوئيٽا ۾ هڪ ٻئي مريض ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال ۾ داخل هڪ مريض ۾ ڪانگو وائرس جي تصديق ٿي آهي.اسپتال انتظاميا موجب بلوچستان ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جي رجسٽرڊ مريضن جو انگ 34 ٿي ويو آهي. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪانگو وائرس جا 3 مريض علاج هيٺ آهن. ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال جي انتظاميا موجب ڪانگو وائرس ۾ مبتلا هڪ مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو