ڪنڊيارو ۾ فائرنگ، رٽائرڊ پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪنڊيارو ۾ فائرنگ، رٽائرڊ پوليس اهلڪار مارجي ويو

ڪنڊيار: (ن س) سنڌ جي ضلعي نوشهره فيروز جي ڳوٺ لونگ اجن ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ هڪ رٽائرڊ پوليس اهلڪار پنهنجي جان وڃائي ويٺو.پوليس موجب، فوت ٿيل رٽائرڊ پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ ديدار سهتو جي نالي سان ٿي آهي. پوليس لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.شروعاتي رپورٽ موجب، موت چوکيدار جي ريپيٽر مان حادثاتي فائرنگ سبب ٿيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جلد ئي وڌيڪ حقيقتون سامهون اچڻ جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو