ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ناليواري ستارن جي علم يعني ايسٽرولوجي، جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا پيشن گوئي ڪئي آهي ته ڦ، ف، ڀ، ڀي، ڊ ۽ ڌ سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جي نالن جي طالع ۾ گھڻن سالن کان نحس ستارن جي گردش رھي آھي. جيڪا ھاڻي 15 جولائي تي ختم ٿي چڪي آهي. هندي ايسٽرولوجي جي لال ڪتاب مٿي ڄاڻايل اکرن سان شروع ٿيندڙ نالي وارن جي بهتري جو وقت شروع ٿي ويو آهي. انهن نالن وارن ماڻهن جي ڪاروبار ، نوڪري، ترقين سميت رڪيل ڪمن ۾ بھتري ايندي . نئين ڪاروبار لاء بھترين وقت آھي نوڪري ۾ ترقي ۽ آمدن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ مختلف معاملن ۾ خوشخبري ملڻ جو امڪان آهي. انهن نالن وارن جي صحت جي معاملن ۾ به بهتري ايندي.
