ڪنري ڀرسان مئل حالت ۾ ڄنگهون وڍيل اٺڙي هٿ، انتظاميا لاتعلق بڻيل

ڪنري: (ن س) سانگھڙ کان پوءِ ڪنري ۾ اٺڙيءِ جون ڄنگھون وڍڻ جو واقعو پيش آيو آهي.رپورٽ موجب مورجنگھو موڙ وٽ مئل حالت ۾ ڄنگھون وڍيل اٺڙي ھٿ آئي آهي، واٽ ويندڙن مئل حالت ۾ پيل اٺڙي جي واقعي بابت ميڊيا کي آگاھ ڪيو، علائقي واسين موجب صبح جي وقت مئل حالت ۾ ڄنگھون وڍيل اٺڙي روڊ تي پيل ڏٺي آھي. واقعو رات ٿيو آھي نامعلوم ماڻھو اٺڙي جون ڄنگھون وڍي ويا آھن،اُٺڙيءَ جي مالڪ رشيد ڪپري ٻڌايو ته منھنجي اٺڙي ولر ۾ ويل هئي، صبح جو واقعي بابت اطلاع مليو ته اٺڙي مري وئي آھي، ڪي نامعلوم ماڻھو اٺڙي جون چارئي ڄنگھون وڍي ويا آھن رشيد ڪپري ٻڌايو ته بي رحم ماڻھن ظلم ڪيو آھي، بي زبان جانور جون ڄنگھون وڍيون ويون آھن. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، جڏهن ته اهڙي واقعي بابت پوليس ۽ انتظاميا لاتعلق بڻيل آهي.علائقي واسين پاران اٺڙي جون ڄنگھون وڍڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ويو، علائقي جي رهواسين فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو