ڪنب (ن س )ڪنب ويجهو پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. ستار شاهه ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل هٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني. جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڏوهاري شاهه ڏنو سولنگي زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، جوابدار مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل زخمي ڏوهاري جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. گرفتار ٿيل جوابدار سميت 5 ڄڻن مٿان ڪنب ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.










