ڪميشن انٽرنيٽ سروس بابت گهرو وزارت کي ڪا هدايت نه ڏيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نگران حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ موبائل سروس بند ڪرڻ جي فيصلي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جو بيان سامهون اچي ويو.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس جي معطلي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن انٽرنيٽ سروس بابت گهرو وزارت کي ڪا به هدايت نه ڏيندو.هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن هنڌ موبائيل سروس کوليو ته دهشتگردي جو واقعو ٿيو ته ذميوار ڪير هوندو؟هن چيو ته ڪالهه بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿيا، امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ گهرو وزارت ۽ ادارن جو ڪم آهي، اميد آهي ته چونڊ عمل محفوظ طريقي سان مڪمل ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو