اتر سنڌ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻبا

سکر(ن س) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته هو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ڏسڻ آيو آهي، ڪشمور، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. محسن نقوي سکر ۾ نادرا آفيس جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته گهرو سيڪريٽري به مون سان گڏ آهي. هن چيو ته صدر سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال تي به خدشن جو اظهار ڪيو آهي.گهرو وزير جو چوڻ آهي ته صدر امن امان بابت اجلاس ڪري رهيو آهي، نادرا آفيس ۽ پاسپورٽ آفيس ۾ ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن. وفاقي وزير چيو ته نادرا آفيس شهر اندر شفٽ ڪئي ويندي، پاسپورٽ آفيس جي عمارت 6 مهينن ۾ مڪمل ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو