ڪورونا وائرس ۽ پاڪ فوج جو ڪردار

تحرير زوار حسين شاهه

 پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ ٽئين لهر اچڻ سبب وفاقي توڙي سنڌ حڪومت عوام جي جان مال جي حفاظت سان ڪرڻ سان گڏ ڪرونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاء هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آھي جيئن عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي پر تعجب جي ڳالھ اها به آھي ته عوام ڪنهن صورت م به ڪرونا وائرس جي بچاء ڪرڻ کان انڪاري آھي اهڙي صورت حال ۾ وڌ کان وڌ وفاق ۽ صوبه پريشان هوندا , ڪيترائي اهم اجلاس ٿيا اهم فيصله ڪيا ويا , پر پوء به عوام ڪنهن صورت م ڪرونا وائرس جي خطرناڪ وبا کي ڄڻ تسلم ئي نه پيو ڪري جيڪو به انتهائي غلط عمل آھي , جيڪڏھن اسان انڊيا جي صورت حآل جي ڳالھ ڪيون ته حڪومت وقت هر حال عوام کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ ايس اوپيز تي مڪمل عمل ڪرڻ لاء پاڪستان جي تاريخ جو اهم فيصلو ڪيو ڪيو , فيصلو اهو ڪيو ويو ته عوام کي ايس او پيز تي مڪمل ڪرائڻ لاء پاڪستان جو واحد ادارو آھي , جيڪو هر حال ۾ عمل ڪرائيندو, اهڙي فيصلي به مان سمجهان ٿو ته وڏا وڏا بحث ڇڙي ويا , برحال مان عرض ڪيان ته جنهن معاشري م رهون ٿا ڪنهن کان لڪيل ناهي , عوام ڪرونا وائرس کي سيريس نه پيو وٺي , پاڙيسري ملڪن سميت جيڪڏھن سڄي دنيا اندر پيدا ٿيندڙ صورت حال تي ڳالهائيندسين ته لکين ماڻھون ڪرونا وائرس م مبتلا ٿي پنهنجي جان جو نظرانو ڏيئي چڪا آھن , لکن ۾ هن وقت به ڪرونا وائرس   جي خڀرناڪ موضي وبا م مبتلا ٿي ويا آھن , پر مان سمجهان ٿو ته ڪرونا وائرس وبا بلڪل موجود آھي جيڪا ڪنهن کي کڻي نظر نه اچي پر احقيقت اهآ ئي آھي , اسان کي احتياط ڪرڻ گهرجي , جيڪو نه پيا ڪيون, وفاق سميت ٻينم صوبن به پاڪ فوج جون خدمات حآصل ڪرڻ لاء اهم فيصلو ڪري پاڪ فوج پاڪستان جي تقريبن تمام شهرن ننڊن وڏن ڳوٺن جتي ڪوئي عمل ڪرڻ لاء تيار ئي ناهي , اتي پاڪ فوج ايس او پيز تي عمل ڪرائيندا , باقي سنڌ پوليس وارا وچاره ڇا ڪن انهن ۾ سياسي ڀرتي ٿيل آھي جنهن ڪري ان اداري جي ساک اعتماد تي ڪو به عمل نه پيو ڪري , جڏھن ته  جيڪو ان اداري لاء بهتر ناهي , پاڪ فوج پاڪستان جو واحد اداو آهي جنهن تي عوام کي مڪمل عتماد حاصل آھي , اعتماد هئڻ به گهرجي, برحال مان عرض ڪيان ته عوام سميت حڪومت وقت وڏي امتحان مان گذري رهيو آهي عوام کي گهرجي ته حڪومت وقت سان  مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي ٻئي طرف جيڪڏھن ڪجھ  قوم پرستن جي ڳالھ ڪيان ته عجيب غريب ڳالهيون ٿي رهيون آهن ,جيڪي منهنجي نظر رياست خلاف دانهيو جيڪو به نامناسب آهي,سڀ کان پهريان پاڪستان بعد ٻيا ڪم آهن هن وقت وفاق سميت صوبه سنڌ تعليمي اداره بند ڪيا ويا آهن شهرن کي به سيل بند ڪرڻ جا به انتظام ڪيا ويا,پاڪ فوج جا جوان ننڊن وڏن شهرن جو گشت ڪنداجيڪڏھن ڪنهن شهري ڪرونا وائرس جي ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ته پوليس پاڪ فوج پڪڙ ڌڪڙ به ڪري سگهي  برحال عوام کي ڪرونا وائرس کان لاتعلقي نه ڪرڻ گهرجي , وفاقي حڪومت سميت صوبا لازمي اهو چاهيندا ته ڪرونا وائرس بابت مڪمل ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي , جڏھن عوام کي باربار هدايتون جاري ڪيون ويون ته سماجي دوري اختيار ڪيو , فيس ماسڪ پايو , سينيٽائيزر استعمال ڪيو گهرن م رهو , عوام ڪو به ريسپانس نه ڏنو , جڏھن اخبارن ٽي وي چئنلز سوشل ميڊيا , سٽي لائيو سيشن رانيپور , سٽي پريس ڪلب رانيپور سميت پاڪستان ڀر مان پڻ آگاهي پروگرام پڻ شروع ڪيا ويا , پر پوء به عوام سماجي دوري سميت هڪ به ايس او پيز تي عمل نه ڪيو لازمي قيمتي جانين کي بچائڻ لاء اهم فيصله ڪيا ويا , اسان جو فرض آھي ته اسان اهڙن فيصلن کي لبيڪ چئون تاڪه گهڻي کان گهڻا اپاء وٺي عام ماڻهن جن کي شعور به ناهي بچائي سگهون , ان سان گڏ مان سمجهان ٿو ته پاڪ فوج جا جوان هر ممڪن ڪوشش ڪندا بلڪه هر حال ۾ ڪرونا وائرس جي وبا دوران ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو ويندو , , پاڪ فوج جڏهن به پاڪستان مٿان عوام کي ڪا به تڪليف ٿي هو اڳتي اچي ملڪ جي دفاع عوام جي خدمت کي مدي نظر رکي هر حال ۾ پنهنجو ڪم ڪندا آھن , جڏھن مان ڪراچي م موجود آهيان جتي هزارن ماڻهن سان ملاقاتون ٿيون آھن اڪثر ڪرونا وائرس کان ڄڻ بي خبر هجن ڪو ماسڪ ناهي پاتل نه ئي سماجي دوري اختيار ڪئي وئي آھي رانيپور کان ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي , تعلقه هيلٿ آفيسر سوڀوديرو ٻڌايو ته رانيپور سميت پسگردائي م ڪرونا ڪيس وڌي رهيا آھن ان جو سبب هڪ آھي ته ماڻهون ڪرونا وائرس کي سيريس نه ٿا وٺن , جنهن ڪري ڪرونا وائرس جا ڪيس ڪافي اڳيان آيا آھن , هيلپ ايج انٽرنيشنل پرائيويٽ آين جي او ضلعي خيرپور , پروجيڪٽ ڪو آرڊينٽر اصغر علي ڏهر جي تعاون سان شاهين ليبارٽري ڪرونا وائرس جون فري ٽيسٽون ڪري رهي آھي جنهن سان هر روز ڪيتريون ئي ڪرونا وائرس ٽيسٽون ڪيون ٿا اڪثر ڪيس پازيٽو اچي رهيا آھن, جيڪو بهتر ناهي سماجي دوري اختيار ڪرڻ گهرجي , هي ته صرف رانيپور جو ننڊڙو شهر آھي جتي به اهڙي خطرناڪ صورت حال آھي وڌٺڏن شهرن جي صورت حال ته انتهائي خطرناڪ هوندي , پر مان عرض ڪندس ته وفاق توڙي صوبن جي ان فيصلي جنهن م پاڪ فوج کان مدد طلب ڪئي وئي وقائتو تاريخي فيصلو آھي , جنهن کي دل سان تسليم ڪري انهن سان تعاون به ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو