سانگهڙ(رپورٽ نادربڙدي)ڪرونا ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڪانٽريڪٽ ڊاڪٽرن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڊاڪٽرن سول اسپتال سانگھڙ ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان کي ڪرونا دوران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو ۽ بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت اھو واعدو ڪيو هو ته ڪرونا دوران ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پڪو ڪيو ويندو پر اڃان تائين اسان پڪو نه ڪيو ويو آهي ھنن بلاول ڀٽو ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي سنڌ ۾ ڪرونا ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وسيع ڪنداسين










