ڪراچي ۾ 70 ارب رپين مان نئون انفراسٽرڪچر ٺاهيو ويندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ۾ 70 ارب رپين مان نئون انفراسٽرڪچر ٺاهيو ويندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نوڪريون ڏيڻ چاهيون ٿا، نوڪرين جو اعلان ڪيو آهي، شهر ۾ 70 ارب رپين جي لاڳت سان نئون انفرااسٽرڪچر ٺاهيو ويندو.ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪراچي واٽر ڪارپوريشن آفيس پهتو، جتي هن سينٽر آف ريفارم ريسرچ اينڊ انوويشن جو پيڙهه جو پٿر رکيو.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پارٽي چيئرمين پاڻي ۽ نيڪال جا مسئلا حل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو.نه رڳو پائپ وڇايا ويندا پر روڊ به ٺاهيا ويندا، حب ڊيم مان 13 ارب رپين جي لاڳت سان نئين ڪئنال تي ڪم شروع ٿي ويو آهي، 12 مهينن ۾ حب ڊيم مان 2 سئو ملين گيلن پاڻي ايندو.مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج امپروومينٽ پراجيڪٽ ۾ سنگ ميل عبور ڪيا ويا آهن، ڪراچي جي پاڻي ۽ نيڪال جي بهتري جو هي پهريون منصوبو هوندو، ريسرچ سينٽر اداري کي وڌيڪ بهتري جو موقعو ڏيندو.هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪلورينيشن جا 29 سينٽر آهن، اهي سينٽر 31 ڊسمبر تائين فعال ٿي ويندا، شهر ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، لائينن ۾ ليڪيج آهي، پمپنگ اسٽيشنن تي به بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.مرتضيٰ وهاب چيو ته ڌاٻيجي ۽ پپري ۾ ڪم جاري آهي، اهو ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، پهرين مرحلي ۾ 4333 رهائشي ۽ ڪمرشل گراهڪن لاءِ ميٽر لڳايا ويندا، چئن اگهن جو خط جاري ڪيو ويو آهي.سندس چوڻ آهي ته اولهندي، سينٽرل، اورنگي ۽ ڪياماڙي ضلعن جي عوام کي فائدو ٿيندو، 25 لک گيلن سيوريج صاف ڪري سمنڊ ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، سيوريج جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ روڊن جي به مرمت ٿي رهي آهي، 106 هاءِ ويز جي ذميواري آهي شهر ۽ انهن تي ڪم ڪيو پيو وڃي.ميئر ڪراچي چيو ته هن سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته شهر ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملير پولٽري پل کي وسعت ۽ مرمت ڪرائي ويندي، ٻه ارب جي لاڳت سان نئين پل ٺاهي ويندي ۽ پراڻي پل جي به مرمت ڪئي ويندي. پارلياماني سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن.مرتضيٰ وهاب چيو ته پارليامينٽ کي آئين ۾ تبديلي جو حق حاصل آهي، مان سمجهان ٿو معاملي تي سياست ڪئي پئي وڃي، اميد آهي ته پارليامينٽ قانونسازي ڪندي رهندي.هن اهو به چيو ته ايم ڪيو ايم عدالت ۾ وئي، جنهن کي عدالت روڪيو، مولانا فضل الرحمان به آئيني عدالت سان متفق آهي، مولانا صاحب سان ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو