ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي.فوتي جي سڃاڻپ 27 ورهين جي ايوال جي نالي سان ٿي آهي، مقتول ڪيميڪل انجنيئر هو ۽ هڪ خانگي ڪمپني ۾ ملازم هو. جوابدارن عالوه کي بيڪري وٽان روڪيو ۽ مزاحمت تي فائرنگ ڪري ڏني، جوابدار مارجي ويل شهري کان موبائل فون، نقدي ۽ موٽرسائيڪل به ڦر ڪري فرار ٿي ويا.ڏوهن خلاف ناقص ڪارڪردگي تي ايس ايڇ او گلشن اقبال کي معطل ڪري سندس خلاف ڊپارٽمينٽل انڪوائري جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.










