ڪراچي ۾ ڏوهه گهٽجي ويا آهن: ايڊيشنل آءِ جي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍي چيو آهي ته ڪراچي ڏوهارين لاءِ هاڻ فيوريٽ ناهي رهيو ۽ ڪرمنلز کي ٽارگيٽ ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد عالم اوڍي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ گهٽتائي آئي آهي، بائيڪس ۽ گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪرڻ جي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته رينجرز سان گڏجي آپريشنز کي وڌايو آهي، ٻه ڪروڙ 50 لک جي آبادي ۾ ڏوهن کي ختم ته نه پر گهٽ ڪري سگهون ٿا. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ مزاحمت تي قتل جا واقعا نه پيا ٿين، ماضي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو