ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس مقابلي دوران 2 ڌاڙيل مارجي ويا.پوليس موجب سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار ڦرلٽ شهرين کي ڦري رهيا هئا ته گشت ڪندڙ پوليس اهلڪار اتي پهچي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو ۽ ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. زخمي ٿيل چور کي عباسي شهيد اسپتال نيو ويو جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو.پوليس موجب مارجي ويل ٻن ڌاڙيلن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، سندن قبضي مان هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن.










