ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب 150 مريض داخل

ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب 150 مريض داخل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب 2 ڏينهن دوران هيٽ اسٽروڪ جا 150 مريض سول اسپتال پهچايا ويا.اسپتال انتظاميا موجب اڄ صبح کان ئي هيٽ ويو کان متاثر 40 ڄڻا سول اسپتال پهچايا ويا، جنهن کانپوءِ 2 ڏينهن ۾ متاثر مريضن جو انگ 150 ٿي ويو آهي.ايڊيشنل ايم ايس سول اسپتال موجب متاثرن ۾ لوڻ جي کوٽ محسوس ڪئي وئي، جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو.حادثن واري کاتي جي انچارج شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن ۽ سخت گرمي ۾ غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن.اسپتال انتظاميا موجب اڄ سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب ڪو به فوتگي ناهي ٿيو، پر ڪالهه سول اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي طرح جناح اسپتال ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب ڪو به فوتگي جو اطلاع ناهي مليو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو