ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي جي موسم جي حوالي سان اهم اپ ڊيٽ جاري ڪري ڇڏي. برساتن کانپوءِ ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر گرميءَ جو راڄ آهي، موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن شهر جي گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 10 ڏينهن تائين شهر ۾ موسم گرم رهندي، جڏهن ته آڪٽوبر جي وچ ۾ راتيون ٿڌيون ٿيڻ جو امڪان آهي.










