ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي جو چوڻ آهي ته 27 مئي تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ روزگار جو ميلو منعقد ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هزارين نوجوانن کي روزگار ڳولڻ ۾ آساني ٿيندي. هن چيو ته هي جاب فيئر پاڪستان هندو ڪائونسل ۽ پريم ڪمار سيتل داس ميموريل ٽرسٽ پاران منعقد ڪيو پيو وڃي.اڳوڻي مملڪتي وزير چيو ته جاب فيئر ۾ پاڪ فوج، پاڪستان نيوي، اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۾ ڀرتين بابت اسٽال لڳايا ويندا. هن چيو ته بئنڪون، ملٽي نيشنل ڪمپنيون، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ آئي ٽي ڪمپنين سميت ٻيا ڪيترائي ادارا به اسٽال لڳائيندا.ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي چيو ته جاب فيئر ۾ آءِ بي سي سي ۽ ايڇ اي سي به موجود هوندا ته جيئن معلومات فراهم ڪري سگهجي، مان سڀني يونيورسٽين کي گذارش ٿو ڪريان ته هو پنهنجي شاگردن کي روزگار جا موقعا ڳولڻ لاءِ موڪلن ۽ انهن لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪن.هن چيو ته هي جاب فيئر رڳو ڪراچي ۾ نه پر سڄي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ ڪيو پيو وڃي، اسان پاڪستان جي معيشت جو حصو بڻجو ۽ پاڪستان جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي وڌيڪ چيو ته هو ڪافي عرصي کان فلاحي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ کيس مختلف ادارن، تنظيمن ۽ مخير حضرات جو سهڪار حاصل آهي.










