ڪراچي ۾ لغڙ اڏائڻ تي پابندي لاڳو، وٺ پڪڙ شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ پتنگ جي ڏور سبب پيش ايندڙ نقصانن کي نظر ۾ رکندي پتنگ اڏائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.رپورٽ موجب ڪراچي جي ڪمشنر ٻڌايو ته قلم 144 جي تحت شهر ۾ پتنگ ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. ڪراچي جي ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيل حڪم نامي موجب پتنگ بازي تي پابندي 30 مارچ کان 29 مئي تائين برقرار رهندي.ڪراچي انتظاميه شهرين کي پتنگ جي ڏور سبب پيش ايندڙ نقصانن کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو آهي.تازو ڪراچي ۾ پتنگ جي ڏور ڦرجڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. 2 ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ 20 ورهين جو نوجوان پتنگ جي ڏور گلي تي ڦرڻ سبب زخمي ٿي پيو هو،سينئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس(ايس ايس پي) سينٽرل ذيشان شفيق صديقي ٻڌايو ته اويس موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته محمدي ڪالوني ۾ پتنگ جي ڏور ان جي گلي تي ڦري وئي جنهن کان پوءِ اهو زخمي ٿي پيو، هاڻ سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي. سينئر پوليس آفيسر وڌيڪ چيو ته پوليس پتنگ اڏائيندڙن ۽ وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو