ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فائرنگ جي واقعن ۾ننڍي عمر جو ٻار فوت، جڏهن ته 2 سڳا ڀائر زخمي ٿي پيا، شهر جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ معصوم ٻار فوت جڏهن ته 2 ننڍي عمر جا سڳا ڀائر زخمي ٿيا، گلشن اقبال نيپا فلائي اوور وٽ فائرنگ ۾ شهري زخمي ٿي پيو، تفصيل موجب محمود آباد جي علائقي اعظم بستي گهٽي نمبر 10 ۾گهر اندر فائرنگ جي پر اسرار واقعي ۾ معصوم ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال نيو پئي ويو هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، رضاڪارن مطابق ٻارن جي سڃاڻپ 6 ورهين جي بهران ولد بابر جي نالي سان ڪئي وئي، ان حوالي سان ايس ايڇ او محمود آباد اعجاز پٺاڻ ٻڌايو ته شروعات ڄاڻ مطابق فوتي بهران پنهنجي والد جي نائن ايم ايم پسٽل سان هٿ چراند ڪري رهيو هو، جيڪو لوڊ هو ۽ ٻار کان پاڻ ئي اوچتو گولي نڪري وئي، جنهن سان هو فوت ٿي ويو، هٿيار لائسنس وارو آهي، جڏهن ته ٻار جو والد فرنيچر جو ڪم ڪري ٿو، پوليس ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ ٻار جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي ماڙيپور مڇر ڪالوني آزاد محلي ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ 2 سڳا ڀائر زخمي ٿي پيا، جن کي ڇيپا جي اهلڪارن سول اسپتالن پهچايو، جتي سندس سڃاڻپ 12 ورهين جي سمير ۽ 14 رهين جي ثناالله ولد عالم جي نالي سان ڪئي وئي، واقعو نامعلوم جوابدرن جي فائرنگ سان پيش اچڻ جو ٻڌايو پيو وڄي، جڏهن ته پولس وڌيڪ ڄاڻ وٺي رهي آهي، گلشن اقبال نيپا فلائي اوور تي فائرنگ جي اوقعي ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ جناح اسپتال نيو ويو، ڇيپا راضاڪارن مطابق نوجوان جي سڃاڻپ 36 ورهين جي فيضان جي نالي سان ڪئي وئي، جنهن کي ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي، جڏهن ته واقعي ڦر دوران مزاحمت تي پيش اچڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جي پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.










