ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران پاڪستان جي ثقافتي وراثت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ميڊيا ڪميونيڪيشن ۾ جدت آڻڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ عالمي معيار جي ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ حڪومت جـِي ترجمان سميتا افضال سيد جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ جلد جديد ترين ميڊيا يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو منصوبو پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو مظهر آهي.سميتا افضال سيد چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي انهي منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهو ادارو ميڊيا جي تعليم، تحقيق ۽ جدت جي ميدان ۾ نئون معيار قائم ڪندو.هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جـَي ويزن تحت تعمير ٿيندڙ ميڊيا يونيورسٽي نه رڳو پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي محفوظ ڪندي پر سنڌ جي انمول تاريخ ۽ انڊس سولائيزيشن جي عظمت کي به دنيا آڏو اجاگر ڪندي.سنڌ حڪومت جـِي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جو اهو قدم ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته ثقافتي ورثو، تعليم ۽ جديد ميڊيا کي هٿي ڏيڻ قوم جي ترقي لاءِ ڪيترو اهم آهي، هي منصوبو ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان دروازا کوليندو جيڪي نه رڳو پنهجا خواب پورا ڪندا پر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو به روشن ڪندا.










