ڪراچي ۾ تيز برسات ۽ شهري ٻوڏ جو خدشو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نئين مون سون سسٽم تحت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته نئون سسٽم سڄي سنڌ کي ڍڪي ڇڏيندو، جنهن سبب 27 ۽ 28 آگسٽ تي شهر قائد ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جو به خدشو آهي. سخت برسات جي ڪري، ان حوالي سان موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته برسات سبب هوا جو گهٽ دٻاءُ اولهه بنگال جي ويجهو پيدا ٿيو آهي، اهو سسٽم ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچي سميت اوڀر سنڌ ۾ برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو.موسميات جي تجزيه نگار موجب هي مون سون سسٽم 26 آگسٽ تي اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، جنهن تحت 26 کان 27 آگسٽ دوران ڪراچي سميت اوڀر سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو