ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ  گذريل رات سڀ کان وڌيڪ ٿڌ رڪارڊ

ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ گذريل رات سڀ کان وڌيڪ ٿڌ رڪارڊ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مون سون سسٽم تحت برسات سبب گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي اچي وئي، جڏهن ته بدلجندڙ موسم شهر جي گرمي پد ۾ به گهٽتائي آڻي ڇڏي.موسميات کاتي موجب هن مهيني يعني آگسٽ ۾ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 23.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته آگسٽ لاءِ عام سراسري گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 26.7 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو جڏهن ته گذريل رات رڪارڊ ڪيل گرمي پد معمول کان 3.2 ڊگري سينٽي گريڊ گهٽ رهيو.موسميات کاتي موجب آگسٽ 2019ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 23 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.هن وقت تائين سڀ کان گهٽ گرمي پد 7 آگسٽ 1984ع تي رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو