ڪراچي ۾ برسات جو نئون سلسلو شام شروع ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڊفينس واري پوش علائقي سميت اڪثر علائقن ۾ اڃا پاڻي بيٺل آهي ۽ شهري عذاب ۾ مبتلا آهن.ڪي اليڪٽرڪ وارن 90 سيڪڙو کان مٿي علائقن جي بجلي بحال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پراڻي بارش وارو پاڻي سخارج ئي ناهي ٿيو ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته بنگال جي نار وارو برساتي سسٽم سنڌ جي ڏاکڻن علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ شام ڪراچي ۾ بارشن جو نئون سلسلو شروع ٿيندو جيڪو 24 ڪلاڪ جاري رهندو، ان دوران ٻه يا ٽي ڀيرا ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي بارش ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته الله ڪري وڌيڪ ڪراچي ۾ بارش نه ٿئي ته جيئن رهيل علائقن مان به پاڻي ڪڍي سگهون.

پهنجو تبصرو موڪليو