ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن تائين سخت گرمي جي لهر جو خدشو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان ٽن ڏينهن تائين گرمي جي لهر برقرار آهي،ڳالهائيندي چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ اڄ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو جيڪو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.چيف ميٽولوجسٽ موجب ڪراچي ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 75 سيڪڙو آهي ۽ هوائون اولهه کان 29 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.سردار سرفراز چيو ته هن وقت اندرون سنڌ گرمي جي لپيٽ ۾ آهي، هن موسم ۾ اندرون سنڌ جي علائقن ۾ گرمي پد 53 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. مئي 2017 ۾ تربت ۾ گرمي پد 54 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو