ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽  شدت 42 ڊگري جيتري رهندي

ڪراچي ۾ اڄ پارو 38 ۽ شدت 42 ڊگري جيتري رهندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ هوائون اولهه طرف کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، جنهن ۾ هن وقت هوا ۾ نمي جو تناسب 68 سيڪڙو آهي.صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن، شهري غير ضروري گهرن کان ٻاهر نه نڪرن ۽ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن.ماهرن چيو آهي ته گهر کان ٻاهر نڪرندي پنهنجو مٿو ڍڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو