ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ حڪومت جان بوجھ ڪري ڪراچي کي ڦرلٽ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته شهر ۾ روزانو سوين واقعا پيش اچي رهيا آهن، جيڪڏهن سنڌ حڪومت تحفظ لاءِ اپاءَ نه ورتا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم عوام کي ڪڏهن به چورن جي رحم ڪرم تي نه رهڻ ڏيندي.ٻئي طرف ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي ۾ علي سهريءَ کي اپوزيشن ليڊر نامزد ڪري ڇڏيو آهي، اهو فيصلو ايم ڪيو ايم جي مرڪزي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو