ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم چئلينج، رمضان ۾ 19 شهري قتل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ پوليس لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي، رمضان شريف مهيني ۾ 19 شهري قتل ٿي ويا. پوليس موجب رمضان المبارڪ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 19 ماڻهن کي قتل ۽ 55 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪيو ويو.پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته سال 2024ع ۾ ڦر دوران مزاحمت 59 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.پوليس موجب هلندڙ سال هن وقت تائين ڪراچي ۾ ڦورن سان 425 مقابلا ٿيا، جن ۾ 55 ڏوهاري مارجي ويا، 439 زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو