ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ڪراچي پوليس ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته 5 سالن دوران ڦر جا 90 هزار واقعا ٿيا. صرف 5 مهينن دوران 78 کان وڌيڪ شهري ڏوهارين جو نشانو بڻيا آهن. لاهور ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون ٿيون ته اهي به غلط آهن.جماعت اسلامي جي امير چيو ته اوهان نوجوانن کي نه ته تعليم ڏئي رهيا آهيو، نه وري روزگار، هڪ موبائل ۽ موٽرسائيڪل تي ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. دنيا ۾ ڪهڙي جڳهه تي اهڙي طرح سرعام شهرين کي نشانو بنايو ويندو آهي.؟حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي ڀته خوري جي ڪلچر کي هٿي ڏني، عوام هنن کي چونڊن ۾ رد ڪيو پر هنن کي آڻي مڙهيو ويو آهي، ساڳيو خوف هاڻ هو اسان جي مٿان مڙهي رهيا آهن جيڪو فارم 47 جي حڪومت کي مڙهيندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پوليس ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. حڪومت ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ماڻهو مايوس ٿيندا پيا وڃن ۽ والدين پنهنجي ٻارن کي ٻاهر اماڻڻ چاهين ٿا.










