ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار

ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لانڍي مان بين الصوبائي منشيات ڊالر پيءُ ۽ ڌيءُ کي گرفتار ڪيو ويو، ٻنهي وٽان اعليٰ ڪوالٽي جي آئس جو پيڪيٽ ۽ چرس جا پيڪيٽ برآمد ٿيا. ايڪسائز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڊسٽرڪٽ ڪورنگي ڪارروائي ڪندي لانڍي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ايڪسائز اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن ۾ پيءُ خالد علي ۽ ڌيءُ ڪلثوم شامل آهن، سندن قبضي مان اعليٰ ڪوالٽي جي هڪ ڪلو آئس جو پيڪيٽ ۽ هڪ ڪلو کان وڌيڪ ٻه چرس جا پيڪيٽ به برآمد ٿيا. اختيارين چيو ته جوابدارن جو واسطو بلوچستان سان آهي، اهي ڪراچي ۾ منشيات جي سپلاءِ ڪندا آهن، ٻئي منظم گروهه لاءِ ڪم ڪندا آهن ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃي چڪا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو