ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، 3 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ شهري جي فائرنگ ۾ 2 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا، جڏهن ته مبينا پوليس مقابلي ۾ ٽيون ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.پوليس موجب ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ چور شهرين کي ڦري رهيا هئا.جڏهن ته شهري فائرنگ ڪري ٻن ڌاڙيلن کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين موجب گذريل رات ڪراچي جي علائقي سچل ٽائون ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ٻيو ساٿي فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو