ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير هلڪي هلڪي برسات

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير هلڪي هلڪي برسات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير برسات پئي، جنهن سبب روڊ رستا ٻڏي ويا.ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ، صدر، ڪلفٽن، ملير، شارع فيصل ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پئي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران قائد جي شهر ۾ جزوي طور تي گجگوڙ رهڻ جو امڪان آهي.ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 85 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو