ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ اڱاري جي ڏينهن تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هن وقت شاهراهه فيصل، اسٽيڊيم روڊ، گلشن اقبال ۽ ملير ۾ تيز برسات پئجي رهي آهي جڏهن ته تيز هوائون به لڳي رهيون آهن، ان کان علاوه نمائش چورنگي، صدر، لياقت آباد، ايف بي ايريا ۾ بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي.ياد رهي ته موسميات کاتي اڄ ڪراچي ۾ ٻنپهرن کان پوءِ ڪٿي طوفاني برسات ته ڪٿي کنوڻ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو هو.موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي وچولي برسات جو امڪان آهي. ٻنپهرن کان پوءِ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران گهٽ کان گهٽ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. شهر جي هوا ۾ نمي جو تناسب 59 سيڪڙو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو