ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف ۽ ڏکڻ هندستاني تامل فلمن جي اداڪار ۽ پروڊيوسر وجي سيٿوپاٿيءَ جي ايندڙ فلم ميري ڪرسمس جي رليز هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته سري رام راگھون جي فلم ميري ڪرسمس ۾ ڪترينا ۽ وجي سيٿوپاٺي مرڪزي ڪردار ۾ نظر اچي رهيا هئا، فلم 8 ڊسمبر تي رليز ٿيڻي هئي پر هاڻي اها فلم 12 جنوري 2024 تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.فلمساز هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ته هو پنهنجي پروجيڪٽ لاءِ پرعزم آهن پر 2023 جي آخري ٻن مهينن دوران ٻيون به ڪيتريون ئي فلمون رليز ٿي رهيون آهن.ان ڪري ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان خوشي جي هن موسم کي اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پنهنجي فلم ايندڙ سال 12 جنوري تي رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
