اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو پنهنجي پارٽي جي اڳوڻن اڳواڻن شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل جي نئين سياسي پارٽي عوام پاڪستان پارٽي جي قيام تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عطا تارڙ چيو ته ڪالهه ارب پتي سرمائيڪارن جو ڪٺ هو جنهن ۾ پراڻي ٽيپ هلائي وئي.عطا تارڙ چيو ته تڪرارن سان ڀريل تقريرون ڪندڙ ماضي ۾ اقتدار مان مزا ماڻيندا رهيا آهن جن ماڻهن ۾ وفا نه هجي اهي اقتدار جي سياست ڪهڙي ڪندا.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ ڪابينه ڏينهن رات پاڪستان کي معاشي ميدان ۾ اڀرندڙ ملڪ بنائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن.










