ڪراچي/لاڙڪاڻو ( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ جي والد رحمت الله شيخ جي نماز جنازه باقراڻي ٽاور ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ناظم عمومي مولانا محمد دين منصوري، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، زاهد حسين راڄپر، امير ضلع دادو عبدالرحمن مڱريو، امير ضلع جيڪب آباد حاجي ديدار لاشاري،امير ضلع لاڙڪاڻو قاري ابو زبير جکرو سميت شهر جي معززين، سياسي، سماجي اڳواڻن کان علاوه جماعت اسلامي جي ذميدارن، ويجهن عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ مرحوم کي مقامي مُقام ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن جنازي گاهه ۾ حافظ نصرالله چنا خطاب ڪندي چيو ته زندگي ۽ موت الله جي امانت آهي ۽ هر شخص کي هي فاني دنيا ڇڏڻي آ، دنيا هڪ امتحان گاهه آهي، سٺن عملن ۽ سٺي ڪردار وارا انسان دنيا ۽ آخرت ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ماڻيندا آهن.تڏو مرحوم جي گھر ڀر سان عباسي محلا ۾ رکيو ويو آھي جتي سموري سنڌ کان سياسي توڙي جماعتي اڳواڻ تعزيت لاءِ پھچي رھيا آھن.










