ڪارڪنن سان ملاقات، اسان جي طاقت عوام جو اسان تي اعتماد آهي

نواب شاهه(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري سان زرداري هائوس ۾ ڪارڪنن جي ملاقاتن جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو،اڳوڻو صدر آصف علي زرداري سان گڏ مير منور ٽالپر، حاجي علي حسن زرداري، طارق آرائين، غلام قادر چانڊيو ۽ ستار ڪيريو، عاشق زرداري ۽ ٻيا موجود آهن.ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري کي ڪارڪنن جون تجويزون ۽ راءِ ڏنيون،صدر زرداري سياسي حڪمت عملي بابت ڪارڪنن جون تجويزون غور سان ٻڌيون،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي سياست ڪندي آهي، اسان جي طاقت عوام جو اسان تي اعتماد آهي، ملڪ جي هر ضلعي، تعلقي کان يونين ڪائونسل سطح تائين پ پ جا ميمبر ڀٽي ازم جي نظريي سان وابسته آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ ڀرپور تيارين سان حصو وٺندي

پهنجو تبصرو موڪليو