ليکڪ اعظم ڀٽي
جُون جي جوکي ۾ گهيريل چنڊ گرهڻ جڏهن حسن درس جي مٺڙي مٺڙي مُرڪ کي هميشه لاءِ ماٺو ڪري ڇڏيو هو ، تڏهن قدرت جا سمورا رنگ سندس يارن لاءِ بي رنگ بڻجي پيا هئا ، ڪنهن کي يقين ئي نه هو ته هُو محبتن جا نه اُجهامندڙ مچ مچائي ائين ئي هليو ويندو ، هُو ائين ئي وڇوڙي جي ماريل دلين تي پنهنجي اڻمٽ ڇاپ ڇڏي هليو ويندو. ڪنهن ٿي ڀانئيو ته سنڌ جي صوفي روايتن جو امين حسن درس ائين ئي سمورن سنگتين کي اُٻاڻڪو ڪري مشائخ هوٿيءَ جي مٽيءَ سان ايترو جلدي ملي مٽيءَ جي خوشبوءَ بڻجي ويندو. هُن جي ڏات جي جرڪايل ڏيئن ۾ به ته هر ڪنهن لاءِ خير جي دُعا گهُريل هُئي، ائين ئي هُو هزارين دُعائن جا هٿ کڻائي اڪيلو ئي اڪيلو هليو ويو، حسن ته هليو ويو، پويان ڇڏي ويو، هزارين ڪهاڻيون ۽ قصا، لاتعداد ساروڻيون ۽ سڏ، نه کُٽندڙ بحثن جا سلسلا، پنهنجي چوياريءَ جي چرچن جا آبشار، البيلي مزاج جون چِلولايون، ٽهڪن جا پڙاڏا بڻجي ويل آواز، مُسڪراهٽن جا وسايل مِينهن، لمحي ۾ لال ٿيل صدين جا پنڌ، ديوانا بڻايل دوست، انتظار جا پُر ٿيل پيالا ۽ هُو هوا کي حُسن جي هاڪ ۾ ڇڏي هليو ويو، هُو سِڪ جي سمنڊ کي ماٺو ڪري هليو ويو.

هُن جيڪو ڪجهه ننڍي وهيءَ ۾ ماڻيو اهو ماڻڻ لاءِ ڊگهي ڄمار وارا به ته خواهشون ڪندا رهجي ويا. ڪنهنکي ڪنهنکي ڇا ڇا پلئه پيو، اهو فيصلو ڪجهه وقت ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا ڪجهه وقت کي ئي ڪرڻو آهي. تاريخ جي دريءَ هر دؤر ۾ کُليل ئي رهي آهي ۽ کُليل ئي رهندي ۽ ان تي چنڊ جي روشنيءَ هميشه پوندي رهندي. ان روشنيءَ جي مستيءَ ۾ ئي حسن درس جي زندگيءَ جي ترتيب هئي. اها به ته عجيب مستيءَ آهي، جنهن جو ڪوئي هڪ آستانو ناهي، هُن جا پير هُئا به ته قالين جهڙا، جيڪي جتي به وڇائبا هُئا اُتي ويرانين ۾ به ميلا مچائي ڇڏيندا هئا، ڇو ته هُن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هُئي، هڪڙو خواب سُهانو روز هُن جي اکين ۾ کيپ ڀريندو هو، هُن لاءِ ته مڪليءَ به روز مُرڪندي هُئي، هُن لاءِ لاڙ لکئي جو ليکو هو، سجاول جون بازارون ڪنهن جي خوشبوءَ ۾ کلنديون هُيون ته سکر وري کيس سون سُريکو لڳندو هو. هُن جي مزاج ۾ عجيب صوفياڻا رنگ ڀريل هئا، ڳالهائڻ ۾ کرو هوندي به نِوڙت جو نياز ورهائيندو رهندو هو. سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ ۾ هُو دوستن جو ڌنار هوندو هو، هُن جي شاعري جي منظرنگاريءَ هُن جو لافاني مشاهدو هُئي، سندس خيالن جي پختگيءَ ۾ نه رڳو آرٽ سمايل هو پر هڪ لازوال سچ به هو، هُن اڀيچند جي نيڻن مان سُونهن کي ڇُلڪندي ڏسي ورتو هو ته عشق کي وري سرمد جي پيرن جا خاڪ بڻجندي پروڙيو به هو. هُن جي شاعري جي اعلى معيار جي ان کان وڏي ٻي ڪهڙي نشاني آهي ته سندس ڪو به مجموعو ڇپيل نه هُئڻ جي باوجود، پڙهيل لکيل ماڻهو هُن جي ڪوتائن کي حافظن جيان ياد رکندا هئا ۽ آهن. اهو سحر عالمي معيار جي علامت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟
حسن درس جي وڇوڙي کانپوءِ ڪجهه حلقن ۾ عجيب قسم جي بحث مباحثن جنم ورتو هو، ڪن حلقن جو خيال هو ته حسن البيلو رومانوي شاعر آهي، ڪن چيو ته حسن درس پِياڪن جو شاعر آهي، ڪن حلقن جي راءِ هُئي ته حسن حُسناڪين جو شاعر آهي، ڪن ته وري کيس مولودي شاعر ڪري پيش ڪيو، ڪِن کيس نعتيه شاعر سمجهيو ته ڪن وري کيس عشقيه شاعر جا لقب به ڏنا، ته ڪِن وري کيس رُوحانيت جو ترجمان شاعر سڏيو. مڃون ٿا ته هُن اياز کي مُخاطب ٿيندي چيو هو ته :
“ اي اياز ! شاعري !
شراب جي دُڪان تي
رات ڏينهن رَش آ
جو جام جيئن جهلي
ٿو پَنو پڙهي وٺي
سو پياڪ غَش آ ..! ”
۽ ها هُن غالب کي به جواب ڏنو هو ته :
“ عاشق ناهي نِڪمو غالب !
عشق نِڪمو ناهي ڪندو
نمڪ حرامي نڪما ڪيئي
سرڪاري هِت نوڪر آهن
ڪُوڙا جيڪي تاش جا پَتا
جُوٺا آهن جوڪر آهن
جُوتي جي هر نوڪ اڳيان
هُو نوڪر ٿيندا ٺوڪر آهن
عشق نه آيو ، تن جي واڙي
واڙي ڇا، نه اوڙي پاڙي
هڪڙا مهيني دار نِڪما
هڪڙا ڏوڪڙ کڻن ڏهاڙي
سي سڀ غالب عاشق ناهن
ها پر سڀ نِڪما آهن ! ”
حسن درس جتي شاعريءَ جي مدهوشيءَ جي حفاظت ڪئي، اُتي هُن عشق تي آندل الزامن کي رد ڪندي ان جو عقلي دليلن سان تحفظ ڪيو، هُن جي تخيل جا آلاپ نه رڳو اسانجي روزمرهه جي زندگيءَ سان سلهاڙيل هئا پر غير معمولي نوعيت جا حامل هئا، هڪڙي سِٽ يا هڪڙي خيال جي بدولت ايڏي وڏي مهانتا هر ڪنهن جي حصي ۾ ائين ئي نٿي اچي. سو ڳالهه جو مقصد اهو ته حسن درس هر طبقي جو نمائنده شاعر هو، ان کان وڌيڪ هُن جي شاعريءَ جي آغوش ۾ سموري ڪائنات سمايل هُئي. هُن جي شاعريءَ ۾ ڪائنات جا راز ڏَسيل هئا ته عشق ۽ حُسن جا چرچا به هُئا، هُن جي شاعريءَ ۾ ٻيڙيون به هُيون ته گهوڙيون به هُيون، هُن جي شاعريءَ ۾ زلفن جون ارڏيون ادائون به هُيون ته آلين اکين جي سار به هُئي، هوا به هُئي ته خوشبوءَ به هُئي، لُڙڪ به هُئا ته ٽهڪ به هُئا، ٿاڪ به هُئا ته رولاڪيون به هُيون، وڻ به هُئا ته پکيءَ به هُئا، سرمد هو ته اڀيچند به هو، خانم گوگوش هُئي ته محمود درويش ۽ اُمِ ڪلثوم به هُئا، موسى عليه السلام به هو ته محمد صلي الله عليه وسلم به هو، ياسر عرفات به هو ته قذافي به هو، شاهه ڪريم به هو ته ڀٽائيءَ به هو، سمنڊ به هو ته درياءَ به هو، اسٽيفي گراف به هُئي ته ڪانڊيري نالي ڪولهي به هو، ڪينجهر جا ڪِنارا به هُئا ته واٽر جا ڪَپ به هُئا، ڪيٽي بندر به هو ته ڪياماڙيءَ به هُئي، لوڙها به هُئا ته وڇوڙا به هُئا، مندر به هو ته مسجد به هُئي، ٻار، پوڙها، ڇوڪريون، عورتون، لهرون، رِڻ، ڳوٺ، گهٽيون، شهر ڇا ڇا نه هو ؟ ڇا انهن سمورين رولاڪ مُحبتن ۾ پاڪائيءَ نه هُئي ؟ هُن جي سموري شاعريءَ ۾ سنڌ مُلڪ، وطن ۽ ڌرتيءَ جا گيت نه هُئا ته ڇا هو؟ انهن سمورن بحثن ۾ ڪنهن اهو ڪيترو محسوس ڪيو آهي ته حسن درس ڌرتيءَ جو شاعر آهي، حسن وطن جو واهرو آهي ۽ سنڌ جو سپوت آهي. جتي حسن درس انيڪ طبقن، فردن، موضوعن، روين، احساسن، شهادتن سميت هر موضوع سان نڀايو، اُتي هُن پنهنجي ڌرتيءَ جو مانُ سڀ کان مٿانهون رکيو آهي، جيئن :
“ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو ، جيڪو جَر تي جاڳي ٿو . ”
يا هي ته :
“ ڌرتيءَ ڪيئن جُهڪن هي تنهنجا ،
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ !! ”
هي ڏسو :
“ حسن هي سنڌڙي سُهڻي، اسانجي جند سان رهندي. ”
خيالن جي اُڏام ۽ تشبيهون ته سندس شاعريءَ ۾ ڏسو :
“ هي شهر گهر مٽيءَ جا ۽ دُونهين جهڙو ديس،
منظر اُداس عورت ۽ گام جو تصور،
هر ٻج ٻار وانگي، ڌرتي ڄڻي پئي،
هر وڻ وڏو لڳي ٿو، ڪنهن لام جو تصور. ”
ڇا ته ڪمال جو هي خيال ۽ تشبيهه آهي :
“ لڙيو پئي لاڙ تان سُورج، مُهاڻي ٻار وانگي هو،
پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگي هو.”
يا هي ته :
“ وطن ۾ بي وطن، معشوق عاشق جو ملڻ ڪهڙو،
زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو.”
يا وري ڌرتيءَ سان محبت جو هي انداز ڏسو :
“ سنڌ، سنڌين جا قصا، ڳالهيون شعر،
دين به پنهنجو اهو آهي ڌر م. ”
ڌرتيءَ سان محبت، ڌرتيءَ جي دردن جو ڏُک، دُونهين جهڙي ديس جو تصور، تڙن تان تماچين جي تڙڻ جو منظر، سنڌ کي پنهنجو دين ۽ ڌرم سمجهڻ جهڙيون وات وايون حسن درس کي ڌرتيءَ جو شاعر تصور ڪرڻ لاءِ ڪنهن کان گهٽ آهن؟ حسن درس وطن جا وڻ ڪڏهن به نه وِساريا، هُو ڪڏهن به سنڌ جي تسبيح سورڻ واري عمل کان اياڻو نه هو .
سندس خيالن ۾ وطن سان وابستگيءَ جو پهلو ته ڏسو :
“ وِساريا نه آهن، اسان وڻ وطن جا،
ڀُلياسين نه دودي ۽ ڀونگر جا ڀاڻا،
سڀئي سنڌ تنهنجي تسبيح پڙهن پيا،
“ حسن ” سي نه هر دم آهن اياڻا !!”
وطن لئه شهادت کي هُو جيئڻ جو جتن ڪيڏي نه سُهڻي خيال سان پيش ڪري ٿو :
“ ائين ماڻهو بدلجي مُلڪ ۽ هڪ قوم ٿي ٿو پئي،
وطن تان جان وئي واري وري سا خود وطن ٿي وئي،
حياتي ائين سدا روشن رکڻ آ ڪم شهيدن جو،
مرڻ جي واقعي مان ڏس جيئڻ جو نئون جتن ٿي وئي .”
حسن درس وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته :
“ قضا جي ڪوٽ ڪاري جي،
وري ساڳي ڪهاڻي ٿي،
تون ئي ڌرتي جيان آهين،
اسان جو ٻيو وطن ڪهڙو ؟
شهادت ۽ گُلابن کي
ڀلا ايندو ڪفن ڪهڙو ؟ ”
انهيءَ سموري صورتحال ۾ اهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن به تخليقڪار جي تخليق جي وسعت کي سمجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ کانسواءِ ان تي هڪ مخصوص قسم جي برانڊ جو ليبل لڳائي ڇڏڻ، تخليقڪار جي توهين آهي، ويساهه گهاتي آهي، سو حسن درس جي شاعريءَ جي آغوش ۾ ڪائنات جو وجود سڀ کان پهريائين سنڌ لاءِ آهي، ان کانپوءِ ٻين جُزن ۽ شِين لاءِ آهي. سوين ڀيرا سوچڻ کانپوءِ به ديس جو چَپو چَپو هُن جي چَپَن ۾ چُميءَ جيان آهي. ائين ئي جيئن هُن چيو ته :
“ خودڪشيءَ جي خيال وانگي،
سنڌ کي مون سئو دفعا آ سوچيو ،
هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان،
هر دفعي هن عاشقيءَ،
مونکي بچائي آ وِڌو،
هِن ديس جو هڪ هڪ چَپو،
منهنجي چَپَن ۾ آ چُمي!!
(حس درس 5 سيپٽمبر 1966 تي جنم وٺندڙ حسن درس 16 جون 2011 تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو. ادارو)










