حيدرآباد (ن س ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ پارٽي جو سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ پارٽي جي تنظيمي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ گلزار سومرو کي پارٽي جو وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. اجلاس ۾ 8 نومبر تي رٿيل ڪراچي ۾ سنڌو درياءِ تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف احتجاج جي ڪاميابي جي لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جيستائين هن ملڪ ۾ شامل سمورين قومن کي برابري جي بنياد حق ڏئي سندن حيثيت کي تسليم نه ڪيو ويندو تيستائين هي ملڪ مختلف بحرانن ۾ ڦاٿل رهندو. ملڪ کي برابري جي بنياد تي هلايو وڃي صوبن جي اعتراضن ۽ خدشن کي نظرانداز ڪري جيڪي فيصلا مڙهيا ويا ته ان جا نتيجا ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ نڪرندا ۽ ملڪ عدم استحڪام جو ذڪر جو شڪار رهندو. انڪري ملڪ جا حڪمران هوش سنڀالين ۽ صوبن تي انهن جي مرضي ۽ رضامندي کانسواءِ فيصلا مڙهڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ وارو منصوبي کي سنڌ پنهنجي لاءِ موت جو پروانو سمجهي ٿي. جيڪڏهن ڪئنال ٺهي ويا ته سنڌ ڀڙڀانگ بڻجي ويندي. سنڌو درياءِ واحد سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي ان تي ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ واري منصوبي کي سنڌ ڪڏهن به قبول نه ڪندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رکندي جيستائين وفاقي حڪومت سنڌو درياءِ تي ڪئنال جوڙڻ جو اعلان واپس نه ٿي وٺي. هن وڌيڪ چيو ته 8 ڊسمبر تي سنڌ جا لکين پٽ ۽ نياڻيون ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌو درياءِ جي مٿان ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي کي رد ڪندا. سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو ، حيدر شاھاڻي ،نثار ڪيريو ،گلزار سومرو ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري ، امتياز سمون ، ڊاڪٽر سومار مڱريو ، حيدر ملاح ، عاشق سولنگي، گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو ،خير محمد مگسي ، اطھر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.










