کير جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوششن جي ضرورت تي زور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين کير جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تاريخي فليٽيز هوٽل لاهور ۾ منعقد پاڪستان ڊيري سمٽ ۾ مهمان مقرر جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ جنهن جو موضوع هو ”کير جا معاملا: زندگي لاءِ صحت مند قوم جي تعمير“قومي صحت ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ کير جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. هن پروگرام جا خاص مهمان پنجاب جي خوراڪ واري وزير بلال ياسين ۽ پنجاب جي پرائمري هيلٿ وزير خواجه عمران نذير هئا. ان کان علاوه ڊي جي پنجاب فوڊ اٿارٽي، ڪي پي ڪي فوڊ اٿارٽي، سنڌ فوڊ اٿارٽي، ڊي جي پي ايس ڪيو سي اي، ڪنٽري مئنيجر گين، ڪنٽري مئنيجر FAO، UVAS جي وائيس چانسلر، BZU ملتان جي فوڊ سائنسز جي سربراهن، سينيئر پارليامينٽرينز، پنجاب حڪومت ۽ ڊيري انڊسٽري جي قيادت پڻ شرڪت ڪئي. پاڪستان ڊيري سمٽ ڊيري انڊسٽري جي مستقبل کي جوڙڻ واري جدت، پاليسين ۽ طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ اهم اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ ڪيو هو. مهمان مقرر جي حيثيت سان ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ ڊيري سيڪٽر کي درپيش چيلنجز ۽ مسئلن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. هن تقريب ۾ ڪاميابيءَ سان گڏ ڊيري صنعت کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو ويو، جنهن سان مستقبل جي جدت ۽ بهتري جي منزلون طئي ڪيون وينديون جنهن جو مقصد ڊيري جي بهتر طريقن جي ذريعي هڪ صحت مند قوم جي تعمير آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو