کوسا سميت 19 ڄڻا لفٽ ۾ ڦاسي پيا، دروازو ٽوڙي ٻاهر ڪڍيو ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي وڪيل لطيف کوسا سميت ڪيترائي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ ڦاسي ويا.ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ جڏهن عمران خان جو وڪيل لطيف کوسا روانو ٿي ويو ته هو لفٽ ۾ ڦاسي ويو، جنهن بعد هاءِ ڪورٽ جي عمارت جي سار سنڀال واري کاتي کي آگاهي ڏني وئي.لطيف کوسا ۽ ٻيا 40 منٽن کان وڌيڪ لفٽ ۾ ڦاٿل رهيا، جڏهن ته مينٽيننس اسٽاف لفٽ جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر دروازو نه کوليو ويو، جنهن سبب لفٽ ٻاهر بيٺل وڪيلن لفٽ جو دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻئي منزل تي لطيف کوسا ۽ ٻيا لفٽ ۾ ڦاسي پيا ۽ لفٽ گرائونڊ فلور تي نه پهتي، جنهن کانپوءِ لفٽ ٻاهران وڪيلن سخت نعريبازي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ 15 کان 16 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي ۽ لفٽ ۾ 19 ماڻهو سوار هئا.ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل نعيم پنجوٺا ۽ ٻين وڪيلن به لفٽ جو دروازو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي.انتظاميا ريسڪيو اهلڪارن کي سڏ ڪري لفٽ جو دروازو کوليو، جنهن بعد ريسڪيو اهلڪارن لفٽ جو دروازو ٽوڙي سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو، جنهن ۾ سمورن ماڻهن جي حالت خراب هئي ۽ اهي پگهر ۾ ٻڏي ويا.ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته لفٽ گهڻي گنجائش سبب بند ٿي وئي، جڏهن ته لفٽ ۾ ايمرجنسي الارم به ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو