کجيءَ جا ڏوڪا پٽڻ تان جوابدارن جو نينگر تي وحشياڻو تشدد

ميهڙ (ن س )ميهڙ ۾ کجيءَ جا ڏوڪا پٽڻ تان رائيس مل جي ملازمن ۽ چوڪيدار جو معصوم نينگر تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جوابدارن 8 سالن جي نينگر مظفر لاشاري کي زنجير هڻي تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو، والد ۽ پاڙي وارن نينگر کي زنجيرن مان آزاد ڪرايو،متاثر نينگر جي والد شوڪت لاشاري جو چوڻ آهي ته معصوم ٻار ٻه ٽي ڏوڪا پٽيا هوندا، ان جي ايڏي وڏي سزا ڏيڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟،نينگر جي والد پاران ايس ايس پي کي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي جي اپيل ڪئي وئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو