ڦر دوران مزاحمت تي شهري قتل، شهرين هڪ ڦورو ماري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ ڌوٻي گهاٽ وٽ ڦر دوران مزاحمت تي شهري قتل، شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي ماري ڇڏيو، پوليس موجب ڦورن شهري نعمان پٽ اقبال عباسي کي ڦر دوران مزاحمت تي قتل ڪيو، شهرين هڪ ڦورو کي سوگهو ڪري تشدد جو بڻايو، شهرين جي تشدد ۾ مرڻينگ ٿيل جوابدار اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو، مقتول شهريءَ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو