لکنئو(ويب ڊيسڪ) ڪوئنٽين ڊي ڪاڪ جي سينچري (109) ۽ ايڊم مرڪرن جي ففٽي (56) سبب ڏکڻ آفريڪا ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ آسٽريليا کي ميچ کٽڻ لاءِ 312 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو آهي. آسٽريليا جي خراب فيلڊنگ ڪيچ ڊراپ ڪرڻ سبب ڏکڻ آفريڪا 50 اوورز ۾7 وڪيٽن جي نقصان تي 311 رنز ٺاهيون.مچل اسٽارڪ ۽ گلين ميڪسويل ٻه ٻه وڪيتون ورتيون جڏهن ته زمپا، ڪمنز ۽ هيزل ووڊ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي آسٽريليا پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ لکنؤ ۾ کيڏي پئي وڃي جتي ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باوما ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ اننگز جي شروعات ڪئي. ڏکڻ آفريڪا جي بيٽسمينن پنهنجي ٽيم کي شاندار شروعات ڏني ۽ 108 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي جنهن کانپوءِ آسٽريليا پهرين وڪيٽ 19.4 اوورن ۾ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. آسٽريلوي اسپن بالر گلين ميڪسويل ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ٽيمبا باوما کي 35 رنسن تي ڪيچ ڪيو. ڏکڻ آفريڪا جي ٻي وڪيٽ 28.3 اوورن ۾ 158 رنسن تي ڪري پئي جڏهن رسي وانڊر ڊسن 26 رنسون ٺاهي ايڊم زمپا جو شڪار ٿي ويو. ٻن وڪيٽن جي ڪرڻ کانپوءِ اوپنر ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ هڪ طرف کان رنسون ٺاهي رهيو ۽ ان دوران هن 90 بالن تي 5 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان سينچري اسڪور ڪئي. ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت پيٽ ڪمنز ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي قيادت ٽيمبا باوما ڪري رهيو آهي.ان کان اڳ ٽاس کانپوءِ ڳالهائيندي ٽيمبا باوما چيو ته ٽيم ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، ڪوئٽزي جي جاءِ تي تبريز شمسي کي شامل ڪيو ويو آهي.
