ڏوهن جي خاتمي لاءِ پوليس رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري پئي: آءِ جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم جي انگن اکرن ۾ مختلف وارداتن کي شامل ڪيو پيو وڃي، پوليس رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته چاهيون ٿا جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿئي ته ان جي مڪمل انويسٽيگيشن ٿئي.هن چيو ته پوليس ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، سڄو ڏوهه پوليس جو به ناهي هوندو.سندس چوڻ هو ته ڪچي ۾ 15 مهينن دوران 529 ماڻهن کي ٽريپ ٿيڻ کان بچايو، پوليس رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، چاهيون ٿا ته نوگو ايرياز ختم ٿين.

پهنجو تبصرو موڪليو