ڏوهن تي ضابطو نه آيو، پوليس چورن جي ساٿاري بڻيل

جوهي (ن سنڌيار) پي ٽي آء اڳواڻن سردار امداد خان لغاري, امين وگهيو, اسماعيل ٿهيم, تنوير رستماڻي ۽ ٻين جوهي پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ايس پي دادو جي اچڻ سان  جوهي سميت دادو ضلعي اندر بدامني جي باھ ڀڙڪي پئي شهري محفوظ نه آهن پوليس آفيسر به ڏوھن ۾ ملوث آهن دادو ضلعي اندر ٿاڻن جا ايس ايڇ او, سميت پوليس اهلڪار ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهن ايس ايس پي دادو ڪميشن تي ٿاڻا مقرر ڪري ڇڏيا پوليس اهلڪارن کي رشوت عيوض ويزا تي موڪلي رشوت جو بازار  گرم ڪري ڇڏيو دادو ضلعي اندر چورن ڌاڙيلن تر تپائي ڏنو ڪارون, ٽريڪٽر ٽرالي, موٽر سائيڪلون سرعام ڦر ڪري فرار ٿي وڃن ٿا پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي, هنن وڌيڪ چيو آهي ته دادو ضلعي اندر پوليس چوڪين تان پوليس اهلڪار غائب آهن, چوڪين تي پوليس  اهلڪار مقرر نه هجڻ ڪري ضلعي اندر ڏوھن ۾ اضافو ٿي ويو آهي, 21  جون تي جوهي ۾ پي ٽي آء جي پليٽ فارم تان بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو, هنن چيف جسٽس آف پاڪستان, آء جي سنڌ, ڊي آء جي حيدرآباد سميت الا اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڏوھ ۾ ملوث پوليس آفيسرن سميت ڏوهارين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو