خانپور(ن س)آءِ جي سنڌ ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ پهچي ويو، ايس ايس پي آفيس ۾ سلامي پيش ڪئي،آءِ جي سنڌ جي دوري دوران غوثپور ويجھو ڪچي ۾ ليسوڙي پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن جو راڪيٽن سان حملو، فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پکڙجي ويو،پوليس جي جوابي فائرنگ بعد هٿياربند فرار، گولي لڳڻ سبب گهر اندر هڪ عورت زخمي ٿي پئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو،خانپورمهر ڀرسان ڏوهارين خلاف آپريشن، مبينا ڏوهارين جا 3 گهر ڊاهي پٽ، 10 ڄڻا گرفتار ٿي ويا، ڳوٺ لال پتافي، سهانجڙو بوزدار، مير پتافي، ڪنڊير ۽ ٻين علائقن ۾ پوليس جون چڙهايون، ڳوٺن کي ڪڙو چاڙهي گهر گهر تلاشي،ذريعن موجب پوليس مبينا ڏوهارين جا 3 گهر ڊاهي ڇڏيا ۽ مختلف ڳوٺن مان 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل، روپوش ۽ اشتهاري ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي










