ڏهين ۽ ٻارهين جا امتحان 15 جون بعد ٿيندا، شفقت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته بورڊ جا امتحان 15 جون کانپوءِ شروع ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. توئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ تعليم واري وفاقي وزير چيو ته ڪالهه منعقد ٿيل بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته بورڊ جا امتحان 15 جون کان بعد شروع ٿي ويندا. شفقت محمود چيو ته 15 جون کانپوءِ 12 ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان ترجيحي بنيادن تي منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته 11 هين ۽ 9 هين ڪلاس جا امتحان بعد ۾ شروع ٿيندا. هن چيو ته انٽرميڊيٽ ۽ ميٽرڪ جي امتحانن کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن انهن جو نتيجو يونيورسٽين ۾ داخلا کان اڳ اچي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو